آفتاب عشق

آفتاب عشق (ڪتاب ):سنڌي زبان جي مشهور عوامي ۽ لوڪ شاعر دادن فقير جي شاعري جو هي پهريون ڪتاب سردار الطاف حسين لاکير ترتيب ڏنو، جنهن کي دادن فقير جي پوئلڳ ۽ راڳي سلطان فقير سولنگيءَ سال 1989ع ۾ ’توفيق آرٽ پرنٽنگ پريس‘ دادو مان ڇپائي پڌرو ڪيو، هن ڪتاب ۾ دادن فقير جي سوانح عمري مشهور شاعر ناظم منگيءَ لکي آهي ۽ ٻه اکر ذاڪر حسين راڌن جا لکيل آهن. هن ڪرائون سائز ڪتاب جا 253 صفحا ۽ قيمت صرف 30 رپيا رکيل آهي. هن ڪتاب ۾ حمديه، نعتيه شعرن کان علاوه منقبتون، مسدس، رباعيون، بيت، قطعا، غزل، ڪافيون ۽ ٻيون صنفون ڏنل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو